بريڪنگ نيوزسنڌ

وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي: مختيارڪار سنجهورو

سنجهورو (حافظ هنڱورو) سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽيڪمشنر سانگهڙ جي خاص هدايتن تي تعلقه مختيار ڪار سنجهورو امجد علي ڪمالاڻي تعلقي سنجهوري جي مختلف روڊن تي هلندڙ گاڏين جي چيڪنگ ڪندي حڪومت جي طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪرڻ واري اعلان تي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جي سلسلي ۾ مسافرن کان ورتل ڀاڙي متعلق معلومات وٺندي وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙن گاڏين وارن کان وڌيڪ ورتل ڪرايو گاڏين وارن کان واپس ڪرائي مسافرن جي حوالي ڪرائيندي گاڏين وارن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته هو وڌيڪ ڪرايو وصول ڪرڻ کان پاسو ڪن. ٻئي صورت ۾ وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙ گاڏين وارن جي خلاف سخت ڪانوني ڪاروائي ڪري سندن گاڏيون بند ڪيون وينديون تعلقه مختيارڪار سنجهورو امجد علي ڪمالاڻي مختلف پيٽرول پمپن تي پڻ اوچتا ڇاپا هڻي  پمپن تي وڪرو ٿيندڙ تيل جي مآپ چيڪ ڪندي عام ماڻهن کان تيل جي اگهن متعلق معلومات وٺندي پمپ وارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو مآپ مطابق ۽ مقرر ٿيل اگهه مطابق تيل وڪرو ڪن خلاف ورزي ڪندڙن کي هر گز معاف ڪونه ڪيو ويندو تلقه مختيارڪار سنجهورو امجد علي ڪمالاڻي ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ تعلقه آفيس سنجهورو ۾ خاص شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آهي جتي رهواسي پنهجون شڪايتون درج ڪرائي سگهن ٿا جيئن انهن جي خلاف سخت ڪانوني ڪاروائي ڪري سگهجي .

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button