بريڪنگ نيوزسنڌ

شهدادپور پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، منشيات هٿ جوابدار گرفتار

شھدادپور (ن م)  ايس ايس پي سانگهڙ رٽائرڊ ڪيپٽن صدام خاصخيلي جي خاص هدايتن تي ايس ايڇ او شهدادپور ديدار سولنگي ۽ سندس ٽيم سماجي براين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت آپريشن جي هدايت تي سوائي روڊ تي جوابدار دلدار علي ولد الهورايو عرف ڪالا خاصخيلي  کي ناگي شاھ درگاھ ويجهو ڇاپو هڻي 30 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري  ڏوهه نمبر 2023-326 قلم 3/4 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ٽنڊوآدم روڊ تي دوران چيڪنگ ۾ هڪ چنگچي رڪشه کي بيهاري تلاشي دوران جوابدار ذاڪر حسين بروهي ولد خادم حسين بروهي جيڪو ڀڳڙا باغ شهدادپور جو رهائشي آھي کيس گرفتار ڪري سندس قبضي مان 5 ٻورا سفينه گٽڪا 21890 ۽ 5200 عاداب گٽڪو هٿ ڪري جوابدار خلاف ڏوھ نمبر 2023-327 قلم نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button