بريڪنگ نيوزقومي

انٽرويو ۾ جنرل (ر )فيض حميد جو نالو غلطي سان وٺي ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه  مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته گذريل ڏينهن انٽريو ۾ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو نالو غلطي سان  وٺي ڇڏيو هو، 2018ع جي چونڊن ۾  ڌانڌلي جو ذميوار فيض حميد ۽ باجوا کي سمجهان ٿو، ملڪ ۾ ڪٿي به چونڊ صحيح نموني سان ناهي ٿي، پي ٽي آءِ وفد کي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، جمع تي  خانگي ٽي وي انٽريو ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته  اسان جي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ تلخين جا پهاڙ آهن، مان اختلافن کي برقرار رکڻ جي حد ۾ ناهيان، پر تلخين کي ختم ڪرڻ سولو ڪم ناهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به چونڊون ٺيڪ نموني سان ناهن ٿيون، تحريڪ انصاف وفد سان سٺي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تحريڪ انصاف جي وفد کي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ به ڌانڌلي ٿي آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سما  ٽي وي کي انٽريو   ڏيندي مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ ان وقت جي آرمي چيف قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد جي چوڻ تي آندي  وئي هئي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button