بريڪنگ نيوزسنڌ

بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان لاشاري برادري جي ماڻهن ۽ شهرين پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

بلڙي شاھ ڪريم (ن م) بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان جاڙاواھ اسٽاب تي لاشاري برادري جي نواجوانن ۽ شهرين  پاران استحام پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي ، ريلي شهر جو گشت ڪندي شهيد انور لاشاري چوڪ تائين ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي حاجي عبدالله لاشاري ، شعيب لاشاري ۽ علي نواز گل لاشاري جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ شريڪ نوجوانن جي هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ لکيل پينر هئا ، پاڪستان زنده ، پاڪ فوج زنده باده جا زور دار نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته پاڪ فوج جون ملڪ لاء کوڙ ساريون قربانيون آهن ، اهي ڪڏهن به ضايع نه ٿينديون ، پاڪ فوج آهي ته ملڪ آهي ، پاڪ فوج ملڪ جي رات ڏينهن سرحدن تي پنهنجي ڏيوٽيون ڏئي رهي آهي پاڪ فوج جي ڪري پاڪستان سلامت آهي ۽ سلامت رهندو پاڪ فوج کي ڪير به ميري اک سان ڏسندو ته اهو پاڪ ملڪ جو خير خواه نه آهي اسان کي اهڙي فوج تي فخر آهي ۽ فخر رهندو جيڪا پنهنجي ملڪ لاء حفاظت ۾ قدم قدم تي قائم آهي ، اسان پاڪ کي سلام پيش ڪريون ٿا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button