بريڪنگ نيوزقومي

ڪنهن به عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو: بلاول ڀٽوزرداري

اسلام آباد( م ڊ ) پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دُنيا سان سٺا لاڳاپا رکڻ لاءِ اهم فيصلا اڻٽر آهن، سفارتي خدمتن جي قاعدن ۽ ضابطن تي مڪمل عملدرآمد ضروري آهي، دُنيا بجلي جي رفتار ۾ تبديل ٿي رهي آهي، هاڻي پرڏيهي وزارت روايتي ايپروچ سان ڪم نٿي ڪري سگهي.اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۾ سڌارن لاءِ هر پاسي کان راءِ ورتي وئي.هن چيو ته ملڪ کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڪڍرائڻ لاءِ پرڏيهي وزير غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو، دُنيا جي تيزي سان تبديل ٿيڻ ۾ ٽيڪنالوجي جو مُک ڪردار آهي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڪنهن به عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button