بريڪنگ نيوزسنڌ

وسيلن جي لٽمار ۽ پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ريلي ڪڍي ويندي: لال جروار

سنڌڙي (ن م) سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون زرعي انقلاب  جي نالي ۾ وفاق حوالي ڪرڻ، لکين افغانين سميت غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ سرڪاري زمينون مقامي بي زمين ھارين ۾ ورھائڻ لاٰ عوامي تحريڪ پنهنجو  ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان  سلسلي ۾ 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ سنڌي ھاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان شاندار ريلي ڪڍي ويندي. اهڙو اظهار  سنڌڙي پريس ڪلب ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ  ڊاڪٽر دلدار لغاري  ۽ مصطفا شر صحافين سان ڳالھائيندي  ڇئي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي لکين زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي سنڌ ۾ لکين افغاني ۽ غير ملڪي موجود آھن جن کي نيڪالي ڏيڻ بدران ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏنا پيا وڃن اڳواڻن چيو ته 5 نومبر تي زمينون ھارين ۾ ورھائڻ,افغانين ۽ غير ملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ ۽ جاگيرداريء جي خاتمي لاء عوامي تحريڪ  پنهنجو  ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي  ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۽  جاگيرداري  سسٽم جي  لا۽ عظيم الشان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو اڳواڻن چيو ته سنڌين کي بوگس آدمشماري وسيلي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. سنڌين خلاف گھڻ سازش سٽي وئي آھي سنڌ جي وسيلن تي زبردستي قبضو ڪيو پيو وڃي سنڌي عوام کي متحد ۽ منظم ٿي سنڌ دشمن منصوبن خلاف پرامن جمھوري جدوجھد ڪرڻ کپي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون زرعي انقلاب  جي نالي ۾ وفاق حوالي ڪرڻ ,لکين افغانين سميت غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ سرڪاري زمينون مقامي بي زمين ھارين ۾ ورھائڻ جي لا۽  جدوجهد جاري رکي ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button