بريڪنگ نيوزسنڌ

ڀريا روڊ پوليس جي ڪارروائي، مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڀرياروڊ (ن م) ڀرياروڊ پوليس مختلف چار خونن سميت ڦر جي وارداتن ۾ ملوث  مُک جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ڀرياروڊ پوليس ٻڌايو ته لاکاروڊ واسي مک جوابدار غلام حسين عرف صوبو خاصخيلي کي لاکاروڊ لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هيو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو ڀرياروڊ ايس ايڇ او منعيم لاڙڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گرفتار جوابدار ڪجهه مھينا اڳ سهري ۽ سالي سميت چار ڄڻن کي  قتل ڪيو هيو ۽ ٻين ڦر جي وارداتن ۾ به ملوث هيو ڀرياروڊ پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته هٿ آيل جوابدار عادي مجرم آهي جنهن مٿان مختلف ٿاڻن لاکاروڊ۔محرابپور۔ فيض گنج۔ اڪري سميت ٻين هنڌن تي داخل ٿيل آهن۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته وڌيڪ جاچ ڪري جوابدار کي جيل حوالي ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button