بريڪنگ نيوزسنڌ

شھدادپور ۾ عيدگاھ روڊ تي هٿياربندن هٿان گوليون هڻي نوجوان قتل

شھدادپور (غلام حسين ڀنڀرو) شھدادپور ۾ عيدگاھ روڊ تي اڻڄاتل هٿياربند گوليون هڻي ڳوٺ مهر علي ٽالپر واسي 48 ورهين جي موٽر سائيڪل سوار مير ذوالفقار علي ولد باغ علي ٽالپر کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. زخمي کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. سمس اسپتال ۾ چڪاس بعد ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. اطلاع تي ڊي ايس پي شھدادپور، ايس ايس ايڇ او شھدادپور پهچي تفصيل معلوم ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي. ڊي ايس پي شھدادپور امتياز علي ڊومڪي موجب ته ناڪابندي ڪئي وئي آھي. وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button