بريڪنگ نيوزقومي

سمنڊ معاش جو ذريعو فراهم ڪرڻ، آب و هوا کي منظم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو

ڪراچي (بيورو) سمنڊ معاش جو ذريعو فراهم ڪرڻ، آب و هوا کي منظم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. عالمي بحري برادري جي هڪ اهم ذميوار رڪن جي طور تي پاڪستان علائقي ملڪن سان تعاون ۽ سامونڊي تحفظ جي قدمن کي واڌ ڏيڻ جي لاءِ عالمي شراڪتداري ۾ مصروف آهي. بين الاقوامي ميري ٽائيم ريگيوليٽري فريم ورڪ  سان گڏ پنهنجي وابستگي جي طور تي پڻ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ملڪ ۾  اڪيلي سامونڊي قانون نافذ ڪرڻ واري ايجنسي آهي ۽ سمنڊ ۾ زندگي ۽ وسيلن جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿي. پاڪ بحريا ملڪ ۾ سامونڊي ڊفاع جو سڀ کان وڏو اسٽيڪ هولڊر هجڻ جي ناتي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي آهي ۽ سامونڊي وسيلن جي تحفظ ۽ پائيدار ماحولياتي توازن جي لاءِ بحري آگاهي کي فروغ ڏيندي آهي.  موجوده سامونڊي چئلينجز جي تناظر ۾ ماحولياتي پيچيدگيون ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۾ هڪ ٻئي پهلو جو اضافو ڪيو آهي هي چئلينج نه فقط ساموندي حياتي کي خطري ۾ وجهن ٿا پر عالمي آب و هوا ۽ ساحلي برادري جي زندگي تي به اثر اندز ٿيندا آهن. مون کي يقين آهي ته  پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي مشق بار اڪواڊا جي ذريعي شرڪت ڪندڙن جي لاءِ بهتري طريقن ۽ تجربن جو ڳانڍاپو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کان سکڻ جي لاءِ هڪ قيمتي پيلٽ فارم فراهم ڪري ٿي. مشقن جو منعقد ٿيڻ بحري سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ڪراچي ۾ اهڙي تقريب جو قيام خوشگوار رهندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button