بريڪنگ نيوزقومي

جيالا جاڳي پيا آهن، چونڊن لاءِ تيار آهن:بلاول ڀٽو زرداري

نوشهره (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيالا جاڳي پيا آهن ۽ چونڊن لاءِ تيار آهن، جيالا چونڊن کان ڀڄن نه پيا پر چونڊن جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جيالا پنهنجي نظريي تان پوئتي نه هٽندا.نوشهره ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي مسئلا ۽ ڏکيائيون آهن، ڪٿان شروع ڪيان؟ مهانگائي تاريخي سطح تي پهچي چڪي آهي، بيروزگاري ۽ غربت تاريخي سطح تي آهي، اسلام آباد کي ڪا پرواهه ناهي، دهشتگردن کي هتي آڻي آباد ڪيو ويو، نقصان پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، ڪڏهن پوليس ته ڪڏهن فوج تي حملو ٿو ٿئي.
هن چيو ته اسان کي سڀني مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي، پ پ پنهنجو نه ملڪ ۽ عوام جو سوچيندي آهي، سڀني مسئلن جو حل صاف شفاف چونڊن ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس ضمانت ڏين ته 8 فيبروري جي چونڊن تي ڪير آڱر نه کڻي، اسان کي صاف شفاف چونڊون گهرجن، صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ته ملڪ جو نقصان ٿيندو.سندس چوڻ هو ته نواز شريف رڳو اميرن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو، هو ٻڌائي ته ڪيترن ماڻهن کي روزگار ڏنائين؟ مزدور جي پگهار ڪيتري مقرر ڪيائين؟ چون ٿا ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي، جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ئي نتيجا طئي ڪرڻا آهن ته چونڊن جو ڪهڙو فائدو؟ هڪ وزيراعظم ٿيندو ته ٻيو ڌانڌلي جا الزام هڻي ڌرڻا شروع ڪندو.1

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button