بلوچستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل سنڌ واسي ٻن جوانن جي فوجي اعزاز سان تدفين
سانگهڙ/ ميهڙ (نمائندن وٽان) بلوچستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل سنڌ واسي ميجر ثاقب ۽ ميهڙ واسي نائڪ باقر علي جي فوجي اعزاز سان تدفين، پاڪ فوج جي شهيد ميجر ثاقب جي جنازي نماز پوليس لائين سانگهڙ ۾ ادا ڪئي وئي، فوجي جٿي پاران سلامي پيش ڪئي وئي، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ وارثن، فوجي آفيسرز، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي، دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد ٿيل دادو ضلعي جي نائڪ باقر علي جو مڙهه به ميهڙ ويجهو بخش لاکير ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوج جي جٿي پاران سلامي پيش ڪئي وئي، شهيد ٿيل ميجر ثاقب جي سوڳوارن ۾ والدين ۽ بيواهه شامل، شهيد باقر علي جي سوڳوارن ۾ ٽن سالن جي نياڻي ۽ بيواهه شامل آهن، آءِ ايس پي آر موجب بلور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن سان ويڙهه شروع ٿي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ويڙهه ۾ سانگهڙ سان تعلق رکندڙ ميجر ثاقب ۽ دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ نائڪ باقر علي شهيد ٿي ويا، دهشتگردن سان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جو لانس نائڪ عمير زخمي ٿي پيو، سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي امن تباهه ڪرڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.7