بريڪنگ نيوزسنڌ

احمد پور ڀرسان هٿياربندن هٿان قتل ٿيل صحافي اصغر کنڊ جي جنازي نماز ادا،لاش رکي ڌرڻو

پيرجوڳوٺ(رپورٽ: عبدالفتاح خلجي) احمدپور  ڀرسان ڳوٺ امير بخش کنڊ ۾ هٿياربندن هٿان بي دردي سان قتل ڪيل سينيئر صحافي اصغر کنڊ جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ امير بخش کنڊ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ صحافين سياسي سماجي اڳواڻن علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه ڪيس داخل ڪيو آهي نه ئي قاتل جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي جنهنڪري صحافين ۾ تاءُ پکڙيل، سينيئر صحافي اصغر کنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين، وارثن، جسقم، سياسي سماجي اڳواڻن پاران احمدپور ،پيرجوڳوٺ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي ڌرڻو لڳڻ ڪري خيرپور، پيرجوڳوٺ، لاڙڪاڻو، احمدپور ۽ ٻين روٽن تي هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي خادم جوڻيجو، نويد کهڙو، عبدالفتاح خلجي، علي گل جوڻيجو، جسقم سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر،  عبدالرزاق ڪلهوڙو، زاهد ميتلو، حيدر سنڌي، بدر الدين خواجه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ آهي ته اصغر کنڊ حق ۽ سچ لکندو هو، اوطاق تي حملو ڪري بي دردي سان قتل ڪيو ويو، پر هيل تائين پوليس نه قاتل گرفتار ڪيا آهن نه ئي ڪيس داخل ڪيو آهي ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري شهيد صحافي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button