بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورخاص ۾ ايم ايس ايف جو مشاورتي اجلاس ٿي گذريو

ميرپورخاص (پ ر)  ايم ايس ايف فنڪشنل صوبائي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جو  ايم ايس ايف ضلع ميرپورخاص جي سينيئر اڳواڻن سان مشاورتي اجلاس ٿي گذريو . اجلاس جي صدارت فنڪشنل ليگ ضلع ميرپورخاص جي صدر مبارڪ علي مهر، فقير حليم درس، محسن هنڱورو ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايم ايس ايف جي تنظيم سازي ڪري پارٽي جو پيغام گهر گهر پهچايو ويندو، شاگرد تنظيم کي وڌيڪ سگهارو ڪيو ويندو . سينيئر اڳواڻن مشاورتي اجلاس ۾ پنهنجي را۽ جو اظهار ڪندي چيو ته ته ايم ايس ايف جو ميمبر شاگرد هجڻ ۽ پارٽي جي منشور سان سچو هجڻ ضروري آهي جيڪو پير سائين پاڳارا جي پارٽي مسلم ليگ فنڪشنل جي نظريي ۽ منشور کي مد نظر رکي جذبي سان ڪم ڪري ۽ تعليمي ادارن ۾ پرامن ۽ تعليم دوست ماحول جوڙي  ۽ علمي سرگرميون ڪرايون وڄن  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شاگرد تنظيم پنهنجي پارٽي سان گڊجي  پارٽي  کي مظبوط ڪندي نوجوانن پاران جوش جذبي ۽ نظم ظبط سان ڪم ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي. مبارڪ مهر خطاب ڪندي چيو ته نوجوان اسان جي پارٽي جو سرمايو آهن جن جي تربيت ڪرڻ سان گڊ هر طرح جو تعاون ڪيو ويندو. مشاورت ڪرڻ کانپو۽ صوبائي ڪابينا جي لا۽ چار نالا سامهون آيا جنهن ۾ اڳوڻو ايم ايس ايف ضلع صدر نقاش مري ، فقير لطيف منڱريو ، جنيد هاليپوٽو ۽ احسن رضا ملڪ شامل آهن جيڪي پارٽي قيادت ۽ فنڪشنل ليگ سند جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم  کي لکت ۾ موڪليا ويندا  اجلاس ۾ نقاش مري ، نظر مهر ، لطيف منڱريو، الياس درس، فقير رمضان منڱريو ، ڪريم بخش مهر ، آصف پهوڙ ، جنيد هاليپوٽو،   مير مرتضئ مهراڻ منڱريو ، احمر ملڪ ، پارس مهر ،  ۽ ٻين گهڻي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ آيل مهمانن کي  ضلع ميرپورخاص جي صدر مبارڪ مهر آيل ايم ايس ايف صوبائي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبر فقير حليم درس ۽ محسن هنڱورو کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ تحفي ۾  پيش ڪئي . پروگرام ۾ ايم ايس ايف جي شرڪت ڪندڙ ميمبرن کي سورهيه مئگزين جي ڪاپي تحفي طور پيش ڪئي وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button