بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودو رند پاران مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو

مقصودورند (ن م) سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودورند شهر پاران افغانين سميت ڌارين جي نيڪالي، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري، ماڙي جلباڻي جي واقعي جي عدالتي جانچ ۽ پروفيسر نوتن لال ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ پريس ڪلب مقصودورند آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو. احتجاجي مظاهري کي سنگت جي اڳواڻن امجد عاجز منگي، رضا حسين رضا، ڪاشف شاد منگي، محمد امين سومرو، سگهڙ حسين بخش رند، سڪندر لطفي، گل منگي ۽ ٻين خطاب ڪيو. احتجاجي مظاهري ۾ علمي ادبي شخصيتن سميت صحافين شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button