بريڪنگ نيوزسنڌ

راونتي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ پورهيت قتل

رائونتي (رپورٽ: فداحسين رند) رائونتي ۾ ڪارنھن جي الزام هيٺ ٻٽو قتل مبينا طور مڙس مور شر، ڪارنھن جو الزام ھڻي پنھجي زال کي قتل ڪرڻ بعد ڪرائي تي موٽر سائيڪل ھلائي ٻچن جو گذر سفر ڪندڙ عبدالحميد چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جو لاش اوٻاوڙو اسپتال منتقل ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين اھڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. رائونتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عمر شر ۾ شڪي مزاج مڙس مور شر مبينا طور ڪارانهن جي الزام هيٺ پنهنجي زال مريم کي قتل ڪرڻ بعد ڪارانهن جو الزام مڙھي ڪرائي تي لوڊر رڪشو ھلائيندڙ عبدالحميد چاچڙ کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو مقتول عبدالحميد چاچڙ ڪرائي تي سولر پليٽون کڻي ڪچي پهچائڻ لاء ويل ھو ته واپسي ايندي ان کي رستي ۾ قتل ڪري جوابدار واقعي ھنڌ کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو اھڙي واقعي بعد ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مقتول جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رھيو جنھن بعد اطلاع تي رائونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول پورھيت عبدالحميد چاچڙ جي لاش کي کڻائي اوٻاوڙو سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي مقتول جي گهر ۾  ڪهرام مچي ويو جڏھن ته آخري اطلاعن تائين اھڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي ۽ نه ئي جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آهي ھوڏانهن اھڙي واقعي بعد چاچڙ برادري ۾ سخت تاء پکڙيل آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button