بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل ايس ايڇ او ۽ اهلڪار بازياب نه ٿيا، ايس ايس پي جي ڏنل مهلت ختم

ميرپورماٿيلو (طفيل رند) ڪنڌڪوٽ ۾ مغوي ايس ايڇ او گل محمد مهر جي بازيابي معاملي تان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. ايس ايس پي ڪشمور طرفان ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد پوليس تيغو تيغاڻي جي بنگلي تي چڙهائي ڪري ڏني،جڏهن ته سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،پوليس جي وڏي نفري ڪنڌ ڪوٽ ۾ گولي مار واري علائقي ۾ سردار تيغو تيغاڻي جي بنگلي تي چڙهائي ڪئي پر هو هٿ اچي نه سگهيو جڏهن ته ڳڙهي تيغو ۾ پڻ سندس رهائش گاهه تي ڇاپو هنيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون  چيو آهي ته ڪوبه سردار ڏوهن ۾ ملوث هوندو ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڌاڙيلن وٽ يرغمال ٿيل ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مھر، سپاھي نبي داد منگي ۽ سرورچاچڙ 50 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڏوھارين جي قبضي مان  بازياب نه ٿي سگھيا آهن. ايس ايس پي عرفان سمون گذريل ڏينهن کان ڳڙهي تيغو ڪچي ۾ پوليس نفري سان گڏ مختلف ھنڌن تي سرچ آپريشن باوجود ايس ايڇ او گل محمد مھر ۽ اھلڪار جو پتو نه پئجي سگهيو. ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او گل محمد مھر ۽ ان سان گڏ پوليس اهلڪار ۽ ھڪ ڪچي جي مقامي ماڻهو سرور چاچڙ کي ڪنڌڪوٽ واسي مغوي نينگر فرحان سومرو جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن 2 ڏينهن اڳ ڪچي واري علائقي ۾ گھرائي يرغمال بڻايو ھو،ڳڙهي تيغو ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او ڪشمور ۽ ساٿين کي اغوا ڪندڙن پاران سندس بازيابي لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جا چئوٻول پڻ ھلي رھيا آھن ته مغوي ايس ايڇ او ۽ ساٿين جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪئي پئي وڃي،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button