بريڪنگ نيوزقومي

عيدالاضحيٰ تي وڏي خوشخبري، پاڪستان ڏيوالي کان بچي ويو، آءِ ايم ايف سان 3 ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿي ويو

لاهور (م ڊ) عيد الاضحيٰ تي عوام لاءِ خوشخبري، پاڪستان ڏيوالي کان بچي ويو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 9 مهينن لاءِ 3 ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ معاهدو طئه  ٿي ويو. حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي صحيُون ڪري ورتيون، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شڪر آهي جو ملڪ ڏيوالي کان بچي ويو. هن ٻڌايو ته پئرس ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿي، 9 مهينن لاءِ 3 ارب روپين جو پروگرام طئه ٿيو آهي، 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف بورڊ جي اجلاس بعد قسطون ملڻ شروع ٿينديون، چين ٽن مهينن ۾ پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو.  گڏيل ڪوششن سان 2 ارب ڊالرز سعودي عرب ۽ هڪ ارب ڊالرز يُو اَي اِي مان آيا، اهو قرض وٺرائڻ ۾ آرمي چيف جون ڪوششون به شامل آهن. عوام دعا ڪري ته هي آخري آءِ ايم ايف پروگرام هجي، خدا ڪري وري آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي، سختيون ضرورت ٿينديون، پر اُهي اشرافيا لاءِ هونديون. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته مدو پورو ٿيڻ تي حڪومت ڇڏي ڏينداسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهباز شريف واضح پيغام ۾ چيو ته چونڊن جو اعلان ۽ اِهي ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اِهو ڪم اليڪشن ڪميشن کي آئين پٽاندڙ ڪرڻو آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ جيڪڏهن الله ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏنو ته اسان ڀرپور سهڪار ڪنداسين، جيستائين هڪ نه ٿينداسين پاڪستان ترقي نه ڪندو. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو رات پيٽ ۾ مهانگائي ختم نه ٿي ويندي، مهانگائي کان انڪار ڪرڻ پاڻ کي دوکو ڏيڻ واري ڳالهه آهي. شهباز شريف چيو ته سينيٽ چيئرمين پاڻ چيو ته مراعتن ۾ واڌ وارو بل واپس ورتو ويندو، آءِ ايم ايف پروگرام گيهه يا مٺائي ناهي معيشت کي استحڪام ڏيڻ لاءِ آهي.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button