بريڪنگ نيوزقومي

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي مختلف يادداشت نامن تي صحيحون، پاڪ چين دوستي ۾ ڪابه رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو/ م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي جاري رهندي ۽ ان دوستيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي برداشت نه ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ چين جي مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڇهن يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني نائب وزير اعظم هي لي فينگ به موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيرِ اعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ منصوبي جو ڏهه سال پهريان پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، سي پيڪ منصوبي تحت 25 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿي چُڪي آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي جاري رهندي، سي پيڪ سان ٻنهي مُلڪن جي عوام وچ ۾ رشتو مضبوط ٿيندو، سي پيڪ تحت اهم رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻيو مرحلو نئين ماڊل تحت اڳتي وڌائينداسين، جنهن سان زارعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارن شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ چين دوستيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي برادشت نه ڪيو ويندو. جڏهن ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي مختلف يادداشتن نامن تي صحيحون ڪيون ويون. چين جي صدر شي جن پنگ جي خاص نمائندي ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ سي پيڪ کي ڏهه سال مڪمل ٿيڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ اڄ هن وزيراعطم شهباز شريف سان پي ايم هائوس ۾ ملاقات پڻ ڪئي. چين جي نائب وزيراعظم هي ليفينگ جي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيرِاعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آجيان ڪئي. ان کان پوءِ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي مختلف يادادشتن تي صحيحون به ڪيون ويون جنهن ۾ وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، احسن اقبال، نويد قمر، مريم اورنگزيب ۽ سعد رفيق به شامل هئا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي اهم منصوبا آهن ۽ يقين آهي ته پاڪستان ۽ چين گڏيل سهڪار سان انهن رٿائن تي مڪمل ڪيو ويندو ۽ اسان اڻٿڪ محنت سان پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهارينداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button