بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ دادو جي رهواسين جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد(چيف رپورٽر)دادو جي رهواسي  غلام حسين لغاري زمين تي قبضي خلاف ڪالهه سول سوسائٽي جي ماڻھن نواب علي مگسي. زينت ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ  زمين تي ٿيندڙ قبضي خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هنن چيو ته دادو جي علائقي جوهي ۾  سندس  جي زرعي زمين تي روينيو کاتي ۽ اتان جي بااثر لغاري برادري جي ماڻھن قبضو ڪري ورتو آھي. هن چيو ته جوهي ۾ سندس جي 62 ايڪڙ زمين ديهه قبو قلندر 1 ۾ آھي جنهن تي زبردستي قابض ٿي ويا آھن. هن چيو ته سندس جان کي خطرو آھي زمين تي نه ٿو وجي سگهان موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آھن. هن چيو ته سندس کان ڀتو گهري رهيا آھن نه ڏيڻ جي صورت ۾ زمين تي قبضو ڪري هاڻ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس زمين تان قبضو ختم ڪرائي کيس تحفظ ء انصاف فراهم ڪيو وجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button