بريڪنگ نيوزقومي

هڪ خاص ٽولو سوشل ميڊيا ذريعي ملڪ ۾ نفرت پکيڙي رهيو آهي، کين سختي سان منهن ڏنو ويندو: مريم اورنگزيب

لاهور (اين اين آءِ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ خاص ٽولو سوشل ميڊيا جي ذريعي ملڪ ۾ نفرت پکيڙي رهيو آهي اهڙن عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو پي ٽي آئي پنهنجي حڪومتي دور ۾ سمورن ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو ملڪ ۾ 4 سال رڳو نفرت جو ٻج ڇٽيو ايندڙ وقت پاڪستان ۽ عوام کي ڳنڍيندڙ وقت آهي نوجوانن ۾نفرت بدران ميوزڪ جي ذريعي ذهن سازي ڪئي ويندي هي قدم ان لاءِ ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪوئي 9 مئي جو سانحو ٻيهر نه ٿئي موجوده حڪومت انڊسٽري کي بحال ڪرڻ لاءِ نئين فلم پاليسي کڻي آئي آهي، فلم فنانسنگ ڪائونسل هاڻوڪي بجيٽ ۾ ان مقصد لاءِ 2 ارب رپيا رکي ڇڏيا آهن ايندڙ هفتي ميوزڪ فلم پاليسي کي لانچ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پوري ملڪ جي ميوزڪ هسٽري کي نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو جي زريعي محفوظ ڪيو پيو وڃي علائقائي ٽيلنٽ کي دنيا جي سامهون آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن نئين پاليسي تحت نوجوانن کي فلمسازي جي ميدان ۾موقعا ملندا اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ مختلف رٿائن جي افتتاحي تقريب ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق ڪلچر، ورثو ۽ ثقافت جي ذريعي پاڪستان جو هاڪاري اميج سڄي دنيا تائين پهچائڻو آهي هن وقت پاڪستان جي نوجوان نسل کي هاڪاري ميڊيا جي ضرورت آهي ڇو ته گذريل حڪمرانن پنهنجي چئن سالن جي دور ۾ سمورن ادارن کي رڳو نقصان ڏنو انهن ئي چئن سالن ۾ ملڪ ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ۽ گارگند واري ڪلچر کي هٿي ڏني وئي وزيراعظم جو ويزن آهي ته نوجوان جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجڻ گهرجي نڪي پيٽرول بم هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2017-18 ۾ فلم پاليسي جو بنياد رکيو هو ۽ ان لاءِ بجيٽ رکي وئي هئي پر بدقسمتي سان گذريل حڪومت هر اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته کين احساس به نه هو ته نيشنل براڊ ڪاسٽ جي حفاظت ڪئي ويندي آهي نه ڪي ان کي نقصان ڏنو ويندو آهي. پر پاڪستان جي ڪلچر ٽوئرزم کي دنيا نٿي ڄاڻي جنهن کي اسڪرين جي سياحت جي ذريعي هاڪاري بيانيو بڻائي ڏيکاريو ويندو ۽ حڪومت، ورثو، ثقافت ۽ سئنيما جي ذريعي ڪلچرل بيانئي کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ پوري طرح قانونسازي ڪئي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button