بريڪنگ نيوزسنڌ

اوٻاوڙو شهر ۾ غربت کان تنگ نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

اوٻاوڙو (ن م) اوٻاوڙو ٿھيم محلا جو رھواسي پرائيويٽ اسپتال ۾ صفائي جو ڪم ڪندڙ  عبدالطيف پٽ محمد پڃيل ملڪ غربت ۽ گھرو پريشانين سبب بشير آباد روڊ ڀرسان ووڻن جي فصل ۾ بيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري زندگي جو انت  آڻي ڇڏيو،علائقي واسين وڻ ۾ ٽنگيل لاش ڏسي اوٻاوڙو پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ھوڏانھن فوتي جي ڀاءُ زوھيب علي ملڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ذاتي  دشمني ناهي غربت سبب منھنجي ڀاءُ پريشان ھو جنھن سبب ان وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button