بريڪنگ نيوزسنڌ

آمريڪا جي ٽي وي چينل ۽ جسٽس فار آل دنيا ۾ مسلمانن تي ٿيل ظلمن تي ڊاڪيو مينٽري تيار ڪري ورتي

گڙنگ بنگلو (ن م) آمريڪا جي ٽي وي چينل ۽ جسٽس فار آل طرفان دنيا ۾ مسلمانن تي ٿيل ظلمن تي ڊاڪيو مينٽري تيار ڪري ورتي، ڊاڪيو مينٽري ۾ برصغير ۾ امان انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه طرفان هلايل حر تحريڪ دوران حرن تي انگريزن جي ٿيل ظلمن، حرن جي قربانين، ننڍن ٻارڙن، پوڙهن ۽ عورتن پاران ڏنل قربانين ۽ شهيد سورهيه بادشاهه کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏيڻ جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ عبدالمالڪ مجاهد جي اڳواڻي ۾ فقير محمد بچل لغاري، آغا نور محمد پٺاڻ، لياقت جوڻيجو، الطاف شڪور، سيد لخروز سعاد، آصف زين ۽ نواز تي مشتمل ٽيم ڳوٺ سومر فقير مهر پهچي حرجماعت جي معززن کان تاثرات ورتا، ٽيم کي کپرو لوڙهو، جهول لوڙهو، گڙنگ بنگلو ۽ جهوڙي وارو لئو جو وزٽ ڪرايو ويو، وڊيو ڪلپ ۽ فوٽو گرافي ڪئي وئي، حرجماعت جي معززن خليفو محمد قاسم مهر، سائين الهورايو بهڻ، استاد نظاماڻي، مير محمد نظاماڻي، محمد مبين وساڻ، فقير عبدالرحمان نظاماڻي ۽ ٻين پنهنجا تاثرات رڪارڊ ڪرايا، ان موقعي تي حاجي ناظر حسين نظاماڻي، فقير شاهنواز نظاماڻي، امين بهڻ، فقير شير خان چانگ، گل حسن سنجراڻي، خدا بخش سمون، استاد محمد سليم درس، مولا بخش سنجراڻي، عامر خان سنجراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button