بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپوربٺورو ۾ بدامني خلاف لنڊ برادري جو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي

ميرپوربٺورو (ن م) ميرپوربٺورو ۾ بدامني خلاف لنڊ برادري پاران شاهنواز لنڊ، عيسيٰ لنڊ، شاهجهان لنڊ، دانش ديدار، ڏاڏا اسماعيل شورو، عبدالغني ملاح، قادر بخش زنئور، ڪاشف خواجا، اشرف پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سوين ماڻهن سعدا واھ کان 5 ڪلو ميٽر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميرپوربٺورو ۾ بدامني وڌي وئي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ سندن نوجوان سردار لنڊ کان موٽرسائيڪل ڦر ٿي هئي جنهن جي رپورٽ ميرپوربٺورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر هن وقت تائين پوليس موٽرسائيڪل واپس ناهي ڪرائي سگهي نه وري جوابدار گرفتار ڪيا آهن، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦورو گرفتار ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button