بريڪنگ نيوزقومي

آرمي چيف سان ڪمانڊر يو ايس سينٽڪام جي ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ)آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڪمانڊر يو ايس سينٽڪام جنرل مائڪل ايرڪ ڪوريلا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل عاصم منير جنرل مائڪل ايرڪ ڪوريلا وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارا معاملا خطي جي صورتحال ۽ دفاعي تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ سمورن شعبن ۾ ٻطرفو لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آمريڪي سينٽڪام ڪمانڊر جنرل مائڪ ايرڪ ڪوريلا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button