بريڪنگ نيوزسنڌ

جروار لڳ جي پرائمري اسڪول ۾استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج

جروار ( ن م  ) تعليم کاتي جي پت وائکي ٿي پئي 300 شاگردن لاءِ 2 استاد مقرر شاگرد پٽ تي پڙهڻ تي مجبور. ڳوٺ ڪمال خان مشوري پرائمري اسڪول ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج شاگردن ۽ ڳوٺاڻن  فقير منظور۔ احمد خان ۔قاصر نواز ۽ ٻين مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته يوسي ۾ سڀ کان وڏو ۽ قديمي ڳوٺ ڪمال خان مشوري جنھن ۾ 600 کان وڌيڪ آبادي رکندڙ آھي جنھن کي ھر دور ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾  300 شاگرد آهن  استادن جو تعداد 2 آهن جڏهن ته شاگرد پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ڪيترا ڀيرا احتجاج ڪيو آهي ڪوئي به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ تعليم کاتي جا آفيسر آهن انهي کي به لکت ڏئي ٿڪجي پيا آھيون  خدارا اسان جي ڳوٺ ڪمال خان مشوري جي گورنمينٽ  پرائمري اسڪول کي وڌيڪ 8 استاد ڏيئي کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button