بريڪنگ نيوزقومي

رومانيه ۾ پاڪ بحريه جي آف شور پٽرول جهاز جي لانچنگ تقريب منعقد

اسلام آباد (پ ر) پاڪ بحريا جي لاءِ تعمير ڪيل جديد ترين آف شور پٽرول جهاز پي اين ايس حنين جي لانچنگ تقريب ڊيمن شپ يارڊ گلاٽي، رومانيه ۾  منعقد ڪئي وئي. چيف آف اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ان تقريب جو مهمان خاص هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪ بحريا جي سربراهه بحرهند کان گذرڻ واري توانائي، ۽ تجارتي گذر گاهن تي روايتي ۽ غير روايتي سامونڊي خطرن کي پيش ايندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت تي روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ بحريا 2004 کان بحري تجارت جي تحفظ ۽ محفوظ سامونڊي ماحول کي يقيني بنائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جديد ترين هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هي جهاز سامونڊي سرحدن جي حفاظت جي لاءِ پاڪ بحريا جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. ۽ هندي سمنڊ خاص طور تي بحيره عرب ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي يقيني بنائيندو. ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ٿورڙي وقت ۾ جنگي جهاز جي تعمير تي ڊيمن شپ يارڊ جي غير مجمولي پيشورانه مهارت ۽ لگن کي به ساراهيو، پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ آف شور پٽرول جهازن جي پهرين بيچ پي اين ايس يرموڪ ۽ پي اين ايس تبوڪ جي متاثر ڪن ڪارڪردگي تي ڊيمن شپ يارڊ سان جهازن جي ٻئي بيچ جو معاهدو ڪيو ويو. لانچنگ تقريب ۾ رومانيه جي حڪومت، بحريا جي نمائندن، پاڪستان نيوي جي آفيسرن، ڊيمن شپ يارڊ جي عملدارن ۽ رومانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي معززين شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button