سنڌ

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي

حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، مسلمانن سنت ابراهيمي تحت قربانيون ڪيون، ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعائون گهريون ويون، عيد الاضحيٰ جو سڀ کان وڏو اجتماع خانقاھ پير پاڳاران پيرجوڳوٺ ۾ ٿيو جنھن جي امامت خانقاھ جي مرشد پير آف پير ڪوٽ پير سيد محبوب نبي گيلاني ڪئي، عيد نماز جي ادائگيءَ بعد اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ۽ پير سيد محبوب نبي گيلاني ملڪ قوم، خانقاھ پيران پاڳاران، حرجماعت عقيدتمندن ۽ امت مسلمه جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتيءَ لاءِ اجتماعي دعائون گهريون، عيد نماز ۾ اعليٰ حضرت پير سايئن پاڳارا جن جي وڏي صاحبزادي سيد محمد راشد شاھ، سيد محمد اسماعيل شاھ راشدي، سيد حزب الله شاھ راشدي سميت حرجماعت، عقيدتمندن، مسلم ليگ فنڪشنل جي عھديدارن، ڪارڪنن، ورڪرن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button