بريڪنگ نيوزسنڌ

مڪي پاڪ ۾ حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه رحه جي سالگرهه ملهائي وئي

مڪو المڪرمه (م ڊ) مڪي پاڪ ۾ حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي بادشاھ جي ولادت باسعادت جي موقعي جي مناسبت سان حافظ عامر علي سڪندري مڪي جي طرفان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪرڻ کان بعد حمد باري تعاليٰ ۽ نعت شريف پڙهي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي پاڪستان کان عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ موجود جميعت علماءِ سڪندريه جي مرڪزي نائب صدر مولانا قاري حافظ فقير محمد مريد سڪندري، فاضل نوجوان مولانا فقير قربان علي سڪندري، حُر مجاهد فقير محمد صديق مڱريو، فقير امجد علي، فقير عزت بيگ، فقير غلام قادر مڪي پاڪ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ بهترين نعت خوان محمد مسڪين قادري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پروگرام زيرنگراني حُر جماعت جي خادم فقير حافظ قاري عامر علي سڪندري مڪي جي ٿي گذريو. پروگرام جي آخر ۾ اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا جي صحتيابي ۽ خضري ڄمار، درگاھ شريف، حُر جماعت، پاڪ فوج، مجاهدن، سميت عالم اسلام لاءِ دعا گهري وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button