بريڪنگ نيوزقومي

العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس، نه چارج صحيح ٿيو ۽ نه ئي نيب کي خبر هئي ته شاهديون ڪهڙيون آهن: هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي اپيلن تي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اپيلن تي ٻڌڻي هلائي، نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف کي مالڪ ۽ مريم نواز ۽ ٻين ٻارن کي بي نامي ثابت ڪرڻ جو بار پراسيڪيوشن تي هو، اسان جو موقف اهو ئي رهيو ته الزام به غلط لڳو آهي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته معذرت سان نه چارج صحيح فريم ٿيو ۽ نه وري نيب کي خبر هئي ته شاهديون ڪهڙيون آهن چيف جسٽس سوال ڪيو ته نيب اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مريم نواز بينيفيشل اونر آهي؟ وڪيل امجد پرويز چيو ته نيب اها ڪوشش ضرور ڪئي پر الزام جي حق ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪيو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي اربعا تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button