بريڪنگ نيوزسنڌ

شهيد بينظير ڀٽو جي 16 هين ورسي ڳڙهي خدا بخش ۾ پنڊال تيار، سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام مڪمل، بلاول ۽ ٻي قيادت لاڙڪاڻي پهچي وئي

ڪراچي (بيورو) پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 16هين ورسي جون تياريون مڪمل ٿي ويون ۽ سيڪيورٽي لاءِ هزارين اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پيپلز پارٽي جلسي جو پنڊال تيار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، نئون ديرو ۽ لاڙڪاڻي ۾ آجياڻي جون ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن عام جلسي جي ڀرپاسي ۾ واڪ ٿرو گيٽس ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون آهن ۽ سيڪيورٽي لاءِ هزارين اهلڪار فرض نڀائيندا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ لاڙڪاڻو پهچي ويا، ان حوالي سان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان پنهنجي تقرير ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪندس، پرڏيهي، معاشي ۽ دهشتگردي جي سطح تي مسئلن تي به ڳالهائيندس، هن چيو ته مان سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو اچو ته جيئن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس 16 هين شهادت واري ڏهاڙي تي ڀيٽا پيش ڪيون.سندس چوڻ هو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمريت ۽ انتهاپسندي خلاف غير معمولي جدوجهد کان رهنمائي ورتي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو مون کي سيکاريو ته اسان کي رڳو عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button