بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊوالھيار سي آئي اي پوليس جي ڪارروائي، منشيات هٿ ، جوابدار گرفتار

جھنڊومري( ن م )ٽنڊوالھيار جي سي آئي اي پوليس جي ڏتو ڪالرو لنڪ روڊ تي ڪاروائي ٽرڪ اندر مين ٺاھڻ جي سوپارين جا 20 ڪٽا ۽ 300 تيار ٿيل ماوا گھٽڪا ھٿ ڪري ورتا سي آئي اي ڊي ايس پي اسلم لانگھا ۽ انسپيڪٽر افضل مگسي ڪاروائي ڪندي منشيات جي مٽيريل ۽ ٽرڪ سميت بلوچستان جي رھائشي نبي بخش ولد محمد حسين کي گرفتار ڪري ورتوگرفتار جوابدار مٿان سلطان آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو مليل مٽيريل ، ٽرڪ ۽ جوابدار کي سلطان آباد ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويوڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽرڪ جي تلاشي ورتي ته انھي مان مين پوڙي جو مٽيريل ۽ تيار ماوا گٽڪا ھٿ آيا آھن.20 ڪٽا ھٿ ڪيا آھن جن جو وزن 200 ڪلو گرام آھي جوابدار لاڪ اپ حوالي آھي. ٽرڪ نمبر  JT-1559 کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي منشيات خلاف ڪارروائيون جاري رھنديون ايس ايس پي ٽنڊوالھيار ابريز عباسي جون سخت ھدايتون آھن جنھن تي عمل ڪندي منشيات فروشن خلاف گھيرو تنگ ڪيو آھي .1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button