بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪوٽ غلام محمد جي ڪولهي برادري جي عورتن جو بااثرن جي ظلمن خلاف احتجاج

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ مير گل حسن لانڍي جي رهواسي ڪولھي برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارن پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي بااثرن جي ظلمن خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي شريمتي داڦوڙي، ھيمجي عرف ڀٽو ڪولھي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته علائقي جي بااثرن حاڪم علي سندس پٽن عارف علي ۽ سندن ساٿارين ڪجھه ڏينهن اڳ اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري مردن ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو جنھن بعد راڄوڻي نموني منٿ ميڙ بعد اسان کين معاف ڪري ڇڏيو ھينئر ٻيھر ڄاڻايل ماڻھن پاران اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري تشدد جو نشانو بنائڻ سان گڏ عورتن جي تذليل ڪئي وئي جڏهن ته حاڪم علي پاران عورت داڦوڙي خلاف ڪوڙا ۽ گندا الزام ھڻي گٿا لفظ ڳالهائي تذليل ڪئي وئي آهي جڏهن ته حد جي پوليس اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي بدران بااثرن جي ڪمداري ڪندي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان مجبور ٿي پريس ڪلب پهچي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آھيون اسان غريب مسڪين ماڻهو ھجڻ سبب اسان جي ڪير به داد فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص سميت وسوارين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثرن پاران اسان جي گھرن تي حملي، تشدد ۽ عورتن جي تذليل ڪرڻ واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي حملي ۽ تشدد ۾ ملوث بااثرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ اسين ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button