بريڪنگ نيوزقومي

نوازشريف جي وفد سميت چوڌري شجات حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات

لاهور (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف پنهنجي وفد سان گڏ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان ان جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. نوازشريف چوڌري شجاعت حسين کان سندس صحت بابت پڇا ڳاڇا ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات ۾ شهبازشريف، مريم نواز، رانا ثناءُالله خان، سردار اياز صادق، اعظم نذير تارڙ، مريم اورنگزيب، عطاالله تارڙ بلال اظهر ڪياني، جڏهن ته (ق) ليگ پاران چوڌري وجاهت حسين، چوري شافع حسين ۽ چوڌري سالڪ حسين به موجود هئا. ملاقات ۾ نوازشريف ۽ شهبازشريف چوڌري شجاعت حسين کان سندس صحت بابت پڇا ڪئي نوازشريف ۽ ان سان آيل اڳواڻ 4 منٽن تائين چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي گڏ هئا ٻڌايو ويو ته (ن) ليگ ۽ (ق) ليگ وچ ۾ قومي اسيمبلي جي ٻه ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي شروعاتي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي (ق) ليگ جو طارق بشير چيما بهاولپور مان جڏهن ته چوڌري سالڪ حسين چڪوال مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندا ۽ هتي مسلم ليگ (ن) پنهنجو اميدوار نه آڻيندي ٻنهي تڪن ۾ صوبائي تڪن ۾ (ن) ليگ جا اميدوار هوندا چوڌري شافع حسين گجرات سٽي مان پنجاب اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ وڙهندو جڏهن ته قومي اسيمبلي جي سيٽ تي مسلم ليگ (ن) جو اميدوار هوندو ٻن صوبائي تڪن لاءِ چوڌري شجاعت حسين جيڪي نالا ڏيندو انهن کي اتان ايڊجسٽ ڪيو ويندو چوڌري وجاهت حسين جو پٽ چوڌري حسين الاهي جيڪو اڳوڻو وفاقي وزير به رهيو آهي ان جي سيٽ جي حوالي سان اڃا ڪائي ڳالهه ناهي ٿي ۽ ان تي ايندڙ ڏينهن ۾ ڳالهايو ويندو نوازشريف ۽ چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ اٽڪل 15 سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ ملاقات ٿي آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button