بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪراچي، ڄامشورو، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ، هزارين اميدوارن جي شرڪت

حيدرآباد (رپورٽ: قاسم بروهي) سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي 5 سينٽرن تي 40528 اميدوارن حصو ورتو، تعليمي سال 2023 ۽ 2024ع ۾ داخلا لاءِ پاڪستان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪائونسل پاران سنڌ ۾ سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جي نگراني ۾ ورتي ويندڙ پري انٽري ٽيسٽ لاءِ پوري صوبي ۾5 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۽ شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو شامل آهن، جتي لاڳاپيل  ڊويزنن ۽ ضلعن جا اميدوار پهچي پري انٽري ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن، جنهن لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ميڊيڪل جي تعليم لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن ۾ اڪثريت شاگردياڻين جي هئي.ورتي ويندڙ ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي لاڳاپيل سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽيون ۽ ڪاليج  پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل سيٽن تحت ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، فزيو ٿراپي،  بايو ميڊيڪل، نرسنگ ۾ داخلا ڏيڻ جا پابند هوندا. صوبي ۾ قائم ڪيل سينٽرن ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، شهيد بينظر ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه جي وائيس چانسلر  پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج نگراني ڪندا. هوڏانهن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ان جي ماتحت بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي مجموعي طور تي 550 سيٽن لاءِ حيدرآباد، ميرپور خاص ڊويزنن جي 12 ضلعن ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي سانگهڙ ضلعي مان ساڍا 13 هزار اميدوار شريڪ ٿيا آهن، ڄامشورو واري سينٽر تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پنهنجي آفيسرن سان گڏجي دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ نجي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي سال 2023/2024 جي ميڊيڪل داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ماتحت بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي مجموعي طور تي 550 سيٽن لاءِ حيدرآباد، ميرپورخاص ڊويزن جي 12 ضلعن ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي سانگهڙ ضلعي مان ساڍا 13 هزار اميدوار شريڪ ٿيا جن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي هئي، لمس يونيورسٽي ڄامشورو واري سينٽر تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پنهنجي ٽيم سميت سينٽر جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي لمس يونيورسٽي انتظاميه پاران اميدوارن لاءِ اڇڻ جو روٽ ميٽ ٺاهيو ويو هو، شاگردن سان گڏ ايندڙ سندن والدين ۽ ٻين عزيزن لاءِ هڪ وڏو هال جوڙيو ويو هو جتي انهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، سينٽر ۾ امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هو، جڏهن ته سينٽر وٽ ايمرجنسي جي صورت ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ ايمبولينس پڻ مقرر ڪرڻ سان گڏ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، ان موقعي تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الڪرام الدين اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي 13 ضلعن مان 13 هزار 352 کان وڌيڪ اميدوارن کي سندن والدين يا ٻين مٽن مائٽن سان گڏ ويهڻ ۽ ٻيا انتظام ڪرڻ اسان جي لاءِ وڏي ڳالهه آهي جيڪو اسان لاءِ امتحان جي برابر آهي جنهن ۾ فيڪلٽي ميمبرن، آفيسرن ۽ عملي جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، سنڌ صوبي ۾ سرڪاري توڙي نجي ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ لاءِ پوري صوبي اندر 5 سينٽر قائم ڪيا ويا هئا جن ۾ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه ۽ شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو شامل آهن جتي لاڳاپيل ڊويزن ۽ ضلعن جا اميدوار پري انٽري ٽيسٽ ۾ حصو وٺي رهيا هئا ان موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي لاڳاپيل سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل سيٽن تحت ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، فزيو ٿراپي، بائيو ميڊيڪل ۽ نرسنگ ۾ داخلائون ڏيڻ جا پابند هوندا، صوبي ۾ قائم ڪيل سينٽرن ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج نگراني ڪئي.جڏهن ته لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سان لاڳاپيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر سميت خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۽ گمبٽ ڪاليج لاءِ نئين سال جي داخلائن لاءِ پي ايم ڊي سي طرفان جناع سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ جي انتظام هيٺ ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 8241 شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو جتي سمورن اميدوارن لاءِ 425بلاڪ ٺاهي انهن کي 17 زون ۾ ورهايو ويو ۽ هر بلاڪ تي هڪ انويجيليٽر مقرر ڪري سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪري امتحاني سينٽر ۾ سي سي ٽي ڪئمرائون لڳائي پوليس توڙي ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. ٽيسٽ دوران يونيورسٽيءَ، پي ايم ڊي ۽ سنڌ جناع يونيورسٽي جي انتظاميه توڙي نمائندن طرفان شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سموري انٽري ٽيسٽ جي نگراني ڪئي. سنڌ ڄامشورو ۽ لاڙڪاڻي ۾ انٽري ٽيسٽ دوران ڪجهه شاگردن جي بيهوش ٿيڻ جا اطلاع پڻ مليا ۽ ڪراچي ۾ پرچو آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش دوران ٻن ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button