بريڪنگ نيوزسنڌ

هائير ايجوڪيشن ڪميشن شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائين ۽ هيريٽيجز کي تسليم ڪري ورتو

ڄامشورو (پ ر)آرٽ جي ميدان ۾ پاڪستان جي پهرين پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽي شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) پاڪستان اسلام آباد تسليم ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد يونيورسٽي ۾ هلندڙ مختلف شعبن جي ڊگري هيڪ وٽان منظور ٿي ويا آهن. هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ليٽر نمبر 17 (109)/A&A/Acc/HEC-2021/495، جولاءِ 19، 2023 جي متن موجب ”ايڇ اي سي جي هڪ تسليم ڪندڙ ڪميٽي شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن ۽ هيريٽيجز ڄامشورو جو 19 جون تي دورو ڪيو، جنهن ۾ موجود سهولتن، مالي معيارن ۽ ٻين معاملن جو جائزو وٺڻ بعد ڪميٽي جي سفارش جي بنياد تي 31 ڊسمبر 2024 تائين شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو کي اين او سي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. سيبس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته يونيورسٽي قومي سطح تي هڪ تسليم ٿيل اداري جي حيثيت سان پنهنجي دائري اندر ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪستان ۾ آرٽ ۽ ڊيزائن جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته ايڇ اي سي پاران سيبس يونيورسٽيءَ کي تسليم ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي ۽ تصديق حاصل ڪرڻ کان اڳ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته سمورا نظام، طريقا، نيٽ ورڪ ۽ پروگرام اهڙو معيار حاصل ڪرڻ جي قابل هجن جيڪي عالمي معيارن سان برابر هجن.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button