بريڪنگ نيوزسنڌ

غير قانوني پرڏيهين جي خلاف پهرين نومبر کان پوءِ ڪارروائي ڪنداسين: سنڌ جو نگران گهرو وزير

ڪراچي (بيورو ) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث  نواز چيو آهي ته  سمورن   غير قانوني طور رهندڙ  ماڻهن کي وقت ڏنو ويو هو.  جيڪو به غير قانوين پرڏيهي پاڪستان  مان نه ويو ته 1 نومبر کان پوءِ ڪارروائي  ڪنداسين. هن چيو ته جيڪو هوائي جهاز ذريعي وڃڻ چاهي ان لاءِ انتظام ڪري رهيا آهيون. اسان فيصلو ڪري ورتو آهي. ڊيزل، آئل، سوپاري سميت ٻي اسمگلنگ روڪينداسين. ڪراچي پريس ڪلب ۾ بلوچستان جي نگران سنڌ سماءِ واري وزير جان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  پرڏيهي ماڻهن بابت ان  جو قونصليٽ سان رابطو ڪيو آهي. جنهن وٽ ڊاڪومينٽس نه هوندا. ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اسان هڪ قوم جي خلاف ڪارروائي نه پيا ڪريون. اسان کي پهريان پنهنجي ملڪ جو حالتون ٺيڪ ڪرڻيون آهن. سياسي پارٽين کي سوچڻ گهرجي. ان تي سياست نه ڪن. سياسي پارٽيون رنڊڪ بڻجنديون ته پاڪستان سان جنگ سمجهي ويندي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button