بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ جي گورنر سان نئين چيف آف نيول اسٽاف جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان نئين چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي۔ گورنر سنڌ ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪستان نيوي جي ڪمان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني۔ ملاقات ۾ پاڪ بحريه جي پيشواراڻا صلاحيتن، سامونڊي حدن جي سارسنڀال ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار۔ قومي دفاع ۾ ان جي اهميت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته سڄي دنيا جي سامونڊي فوج ۾ پاڪ بحريه کي نمايان مقام حاصل آھي۔ هن چيو ته پاڪ بحريه جي پروفيشنل مهارت دنيا جي ڪنهن به سامونڊي فوج کان گهٽ ناهي۔ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪ بحريه سامونڊي سرحدن جي حفاظت سان گڏ اسمگلنگ روڪڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔ اميد آهي ته اوهان جي قيادت ۾ پاڪ بحريه جي پيشواراڻا مهارت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button