بريڪنگ نيوزسنڌ

ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين جي ضمانت رد، جيل حوالي

دادو (ڊ ر) دادو جي سيڪنڊ سول جج ارشاد احمد خاصخيلي جي عدالت ۾ ٻڌڻي تي نه اچڻ سبب عدالت ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادر چانڊيو کي ھٿڪڙيون لڳرائي جوڊيشل لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو، فوڊ کاتي جي ڪامورن سان منھن ماري ڪرڻ ۽ ميھڙ جي واپارين کان ڀتو وٺڻ تي فوڊ کاتي جي ڪامورن جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي قادر چانڊيو خلاف جھيڙي جو ڪيس داخل ٿيل ھو، قادر چانڊيو مٿان داخل ٿيل ڪيس دادو جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو، جھيڙي جي ڪيس ۾ عدالت پاران قادر چانڊيو کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا پر هو مسلسل ٻڌڻين تي غير حاضر هو. ڪالهه ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ تي عدالت قادر چانڊيو جي ضمانت رد ڪري کيس ھٿڪڙيون لڳرائي جوڊيشل لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو، جنھن بعد هٿ ڪڙيون هڻي ڊسٽرڪٽ جيل دادو موڪلي ڇڏيو آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button