بريڪنگ نيوزسنڌ

مسوڀرڳڙي ويجهو مهمان ٿي آيل همراهه ڳوٺاڻي کي قتل ڪري فرار

مسوڀرڳڙي(رپورٽ:۔قلب لغاري)هٽڙي ٿاڻي جي حد مسوڀرڳڙي جي ويجهو مهمان ٿي آيل همراهه پسٽل جا فائر ڪري ڳوٺاڻي 55 ورهين جي بشير احمد بروهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو،وارثن موجب مقتول تي ٻه فائر ڪيا ويا جنهن مان هڪ گولي سندس سيني ۾ لڳڻ سبب سندس موت ٿيو، وارثن جي اطلاع تي هٽڙي پوليس پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وئي جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،فوتي جي وڏي پٽ عيد محمد بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ان مهمان کي سڃاڻو ڪونه ٿا، ڪير هيو ڪٿان آيو هو هن کي صرف فوتي بابا ئي سڃاڻي ٿو، بابا صرف اهوئي ٻڌايو ته مهمان بلوچستان جي علائقي جھٽ پٽ مان آيل آهي،هوڏانهن سندس ڀاڻيجي اعجاز بروهي چيو ته مهمان ۽ فوتي ماما بشير بروهي اوطاق تي ستل هئا، ته مهمان ماما تي فائر ڪري فرار ٿي ويو،ايس ايڇ او هٽڙي زاهد حسين جهتيال صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان ٿيو آهي،پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي،وارث تدفين کان پوءِ ڪيس داخل ڪرائيندا، هن چيو ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button