بريڪنگ نيوزقومي

ڪنهن به سياسي جماعت کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکڻ جا خواهشمند نه آهيون: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکڻ جا خواهشمند نه آهيون، ليول پليئنگ فيلڊ ڪنهن مخصوص جماعت کي کٽرائڻ جو نالو آهي ته پوءِ ڪجهه نه چوندس. چونڊن جي شيڊول جو اعلان جلد ٿي ويندو، ملڪ ۾ چونڊ سرگرميون ستت شروع ٿي وينديون.اسلام آباد ۾ پريس  ڪانفرنس دوران نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نواز شريف پيدائشي پاڪستاني آهي ته بايوميٽرڪ سندس حق آهي. جڏهن ته  نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ  پي آئي  اي کي خانگائڻ جي   عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن کي  جلد کان جلد خانگائي عوام جي ٽيئڪس  جي پئسن  کي  ضايع ٿيڻ کان  بچائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ  پي آئي اي بابت معاملن واري جائزي واري اجلاس ۾ڪيو. اجلاس ۾ پي آئي اي  کي خانگائڻ  واري عمل تي اڳڀرائي جو تفصيلي طور تي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي پي آئي اي جي موجوده مالي صورتحال کان نه آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نگران وفاقي  وزير  شمشاد اختر، فواد حسين فواد، ايئرمارشل فرحت حسين ۽لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پي آئي اي جي موجوده مالي  صورتحال ۽  خانگائڻ واري عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.  وزيراعظم  ان سان لاڳاپيل قدمن جي حدفن کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ  جي  هدايت ڪئي. ۽ باقاعدي سان ان بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي  به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته پي آئي اي جي نجڪاري جو عمل  مڪمل ٿيڻ تائين حڪومت ان جي  هر ممڪن  مدد ڪندي رهندي. هن چيو ته پي آئي  اي جي خانگائڻ واري عمل کي تيز ڪري جلد مڪمل ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button