بريڪنگ نيوزسنڌ

بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وفد پاران انڊونيشيا جي قونصل خاني جو دورو

ڪراچي (پ ر) 12 آڪٽوبر 2023 خميس جي ڏهاڙي تي بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ڪراچي جي بين الاقوامي تعلقات جي شعبي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ نثار احمد چانڊيو يونيورسٽيءَ جي شاگردن سميت انڊونيشيا جي قونصل خاني جو دورو ڪيو. قونصل جي جنرل ڊائريڪٽر ”جُون ڪونچورو“ يونيورسٽي جي عملي جو شاندار استقبال ڪيو ۽ ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏنو، قونصليٽ طرفان پروفيسرن ۽ شاگردن کي بين الطرفين لاڳاپن جي اهميت ۽ ڪردار پڻ سمجهايو ويو ته جيئن اهي روشناس ٿين جنهن يونيورسٽي جي عملي تي بهترين تاثر ڇڏيو ۽ ان ڳالھه کي پڻ اجاگر ڪيو ته تعليمي، تدريسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي عمل کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي بانشندن جي حوصلا افضائي ٿئي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جا ٻه طرفا لاڳاپا پڻ مضبوط ٿيندا ۽ ملڪن جي وچ ۾ باهمي تعاون کي به وڌيڪ فروغ ملندو، آخر ۾ يونيورسٽي جي عملي قونصليٽ جنرل جي اسٽاف جو شڪريو ادا ڪيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button