بريڪنگ نيوزقومي

افغانستان مان دائش ۽ ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ حملا ڪري رهيون آهن،خطي جي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي:نگران وزيراعظم

نيو يارڪ(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان خطاب ۾ چيو آهي ته سڀني ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي. پنهنجي خطاب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ڪورونا سبب معاشي بحران پيدا ٿيو، پاڪستان خوراڪ، تيل ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، حڪومت معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ سنجيده آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، سي پيڪ ذريعي پاڪستان مستحڪم ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ڪنجي ڪشمير آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک فوجي مقرر ڪيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي، ڀارت سميت خطي جي سڀني ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، گڏيل قومن کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائڻ گهرجي. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڀارت خطي ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، دنيا کي ڀارتي رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي ختم ڪرڻي پوندي، اسلامو فوبيا کي هندوتوا جهڙن نظرين ئي دنيا ۾ وڌايو آهي. هن چيو ته ترقي لاءِ امن لازمي آهي، افغانستان جي امن سان خطي جو امن جڙيل آهي، افغانستان مان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ داعش پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا ڪري رهيون آهن، اسلامو فوبيا سبب مسلمانن تي حملا ڪيا پيا وڃن، چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دنيا کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button