بريڪنگ نيوزسنڌ

سکر ۾ لٻاڻو برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ،گوليون هڻي هڪ ڄڻو قتل

سکر(رپورٽ قمرالدين ميراڻي) نيو پنڊ ٿاڻي جي حد نئين ڳوٺ قبرستان لڳ گوليمار پوليس چوڪي ويجھو نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي کي گوليون ھڻي سخت  زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي ٿيندڙ جي سڃاڻپ عمران لٻاڻو طور ٿي جيڪو فائرنگ سبب  سخت زخمي ٿي، اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي کي اسپتال اماڻيو ويو جيڪو رستي ۾ سورن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو، حد جي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، پوليس مطابق ته لٻاڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھو جنھن تان ھٿياربندن پنھنجي برادري جي ماڻھن نوجوان کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا پر ھو فوت ٿي ويو، واقعي جو ڪيس وارثن جي اچڻ بعد داخل ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button