بريڪنگ نيوزسنڌ

اسان جي بزرگن پنهنجي وطن حاصل ڪرڻ خاطر بيشمار قربانيون ڏنيون آهن:سوائي خان ڇلگري

ڪراچي (بيورو ) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز (ڊي جي پي آر) سوائي خان ڇلگري اطلاعات کاتي جي آفيسرن سان گڏ اطلاعات کاتي جي هيڊڪوارٽر جي احاطي ۾ بيرڪ نمبر 95 ۾ 76هين جشن آزادي جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪايو. آزاديءَ جي 76 هين سالگرهه جي موقعي تي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات پاران 76 هين سالگرهه جي پوري قوم  کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان جي بزرگن پنهنجي وطن حاصل ڪرڻ خاطر بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن اسان کي هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو آهي، اسان کي باباء قوم جي اصولن  اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم تي عمل پيرا ٿي ڪري ملڪ کي عالمي افق تي نمايان حيثيت ڏيارڻي آھي. هن چيو ته  اطلاعات کاتي کي جديد ٽيڪنالاجي تحت  آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا کي بهتر بڻايو ويو آهي. هن چيو ته کين اڄ عهد ڪرڻ گهرجي ته  سمورا اختلاف وساري سنڌ صوبي ۽ پنهنجي پياري مادر وطن پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندا سين. ڊي جي انفارميشن سوائي خان ڇلگري چيو ته آزادي ھڪ وڏي نعمت آھي جنھن جو ڪو متبادل ناھي  ۽ آزاد معاشرو ئي ملڪ جي ترقي جو ضامن آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سيد حسن اصغر نقوي،  ڊائريڪٽر ريسرچ ۽ ريفرنس امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر محمد شبيه صديقي ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. تقريب ۾ اطلاعات کاتي جي سمورن ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن ڊپارٽمينٽ سنڌ سوائي خان ڇلگري جي اڳواڻي ۾ آفيس جي احاطي ۾ هڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button