بريڪنگ نيوزقومي

عمران خان مائنس، گوهر خان پي ٽي آءِ جو نئون چيئرمين منتخب، اڪبر ايس بابر پاران چونڊون چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو)  بئرسٽر گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو آهي ته بئرسٽر  گوهر خان بنا مقابلي پي ٽي آءِ جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي. عمر ايوب  پي ٽي آءِ جو بنا مقابلي مرڪزي جنرل سيڪريٽري، علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا ۽ ياسمين راشد پنجاب جي صدر چونڊجي وئي، بلوچستان مان منير بلوچ ۽ سندس پينل بنا مقابلي چونڊجي ويو. سنڌ مان حليم عادل شيخ تحريڪ انصاف جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو، پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازيءَ موجب اڪبر ايس بابر مون سوڌو  منهنجي ٽيم سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو، گذريل ڏينهن مان آفيس ۾ پنهنجي ٽيم سميت موجود  هئس. اڪبر ايس بابر وڊيو ٺاهي ميڊيا تي جاري ڪئي، جنهن کي رد ڪريون ٿا، اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ اليڪشن ڪميشن ۾چئلينج  ڪنداسين. پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بي ضابطگي بابت اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ويندي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد اسان پي ٽي آءِ جو حصو ۽ باني اڳواڻ آهيون، اڄ شام انٽر پارٽي اليڪشن جي سلسلي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندس. جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون به تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي سليڪشن قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جنهن پارٽيءَ جو بنياد ئي ڌانڌلي تي رکيو ويو هجي ان پارٽيءَ جون انٽرا پارٽي چونڊون شفاف ڪيئن ٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته  اڄ هڪ اليڪشن ٿي جنهن ۾ سليڪشن ٿي، هڪ  مفرور شخص پارٽي جو چيئرمين ڪيئن ٿو چونڊجي سگهجي؟ نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سليڪشن جو عمل رڳو 15 منٽن ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن بابت ڏيڍ ڪلاڪ تائين پريس رليز روڪي عوام ۽ اليڪشن ڪميشن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مريم اورنگزيب نامعلوم ۽ ڳجهي هنڌ تي ڪرايل اها ڪهڙي اليڪشن هئي جنهن ۾ نه ووٽرز هئا ۽ نه وري ووٽر لسٽون ۽ پرزائيڊنگ آفيسر نظر آيا.  هوڏانهن  تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڪبر ايس بابر چيو ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن سليڪشن آهي، اهڙي سليڪشن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪنداسين، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد اسان پي ٽي آءِ جو حصو ۽ باني اڳواڻ آهيون. پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي چيو آهي ته اڪبر ايس بابر مون سوڌو  منهنجي ٽيم سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو، گذريل ڏينهن مان آفيس ۾ پنهنجي ٽيم سميت موجود  هئس، اڪبر ايس بابر وڊيو ٺاهي ميڊيا تي جاري ڪيو جنهن کي رد ڪريون ٿا، اڪبر ايس بابر جا الزام بي بنياد آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button