بريڪنگ نيوزقومي

فوجون معصومن جو قتلام نه ڪنديون آهن، فلسطيني ٻارڙن جو هولو ڪاسٽ ڏسي شرمنده آهيون: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم انواز الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ ٻارن جي ڀلائي ۽ واڌ ويجهه لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.هن چيو ته معاشري جي سمورن طبقن جي به ذميواري آهي ته هو ٻارن جي حقن لاءِ سياست ڪن، هن وقت غزا جا ٻار منهنجي ذهن ۾ آهن، اسان غزا م فلسطيني ٻارن جو هولو ڪاسٽ ڏسي رهيا آهيون، فلسطيني ٻارن جو هولو ڪاسٽ فوري طور بند ڪيو وڃي.سندس چوڻ هو ته اسرائيلي رياست سمجهي ٿي ته هو ملٽري فوج سبب تمام گهڻو سگهارا آهن پر پروفيشنل فوجون مقابلي جي سگهه رکندڙ فوجن سان وڙهنديون آهن هٿين خالي ٻارن جو قتل عام ناهن ڪنديون، معصوم ٻارن جو قتل انساني حقن ۽ عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.وزيراعظم چيو ته غزا ۾ ٿيندڙ واقعن کي مذهب کان هٽي ڪري انساني حقن جي نظر سان ڏٺو وڃي، اسان غزا جي ٻارن آڏو شرمسار آهيون، فلسطين ۾ پيدا ٿيل صورتحال مستقبل جي تڪرارن جو اهم ڪارڻ بڻبي، غزا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي خلاف پاڪستان آواز اُٿاريندو رهندو.

 

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button