بريڪنگ نيوزسنڌ

خيرپور ويجهو هٿياربندن ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلو 2 هٿياربند مارجي ويا

خيرپور (ڪرائيم رپورٽر) خيرپور ۾ پوليس ۽ هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مبينا مقابلو 2 هٿياربند مارجي ويا  سڃاڻپ نه ٿي لاش سول اسپتال منتقل. خيرپور لڳ ڳوٺ جانوري وٽ هٿياربندن ۽ پوليس وچ مقابلو ٿيو آهي جنهن ۾ 2 هٿياربند مارجي ويا آهن ٻنهي مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته ٻنهي جا لاش سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيا ويا آهن ٻڌايو وڃي ٿو هٿياربندن  هڪ شهري ڪاشف علي راجپوت کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ۽ هڪ گهر مان ڌاڙو هنيو ته پوليس سندن پيڇو ڪيو  ته هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار دل مير آرائين اڪرم شيخ  گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته پيڇو ڪرڻ تي ٻيھر مقابلو ٿيو جنهن ۾ 2 هٿياربند مارجي ويا هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو  مقابلي دوران زخمي اهلڪارن جي عيادت بعد مڊيا ڳالهائيندي چيو ته  هٿياربندن واردات بعد  فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس پيڇو  ڪيو ته فائرنگ ڪري ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪيو ۽ بعد ۾  خيرپور ڀرسان  لنڪ روڊ تي  مقابلي ۾ هٿياربند مارجي ويا آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته هو ٻئ ضلعي جا لڳن ٿا انهن جا  سھولتڪار گرفتار ڪيا آهن..

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button