بريڪنگ نيوزسنڌ

خانپورمهر ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت

خانپورمهر(ن م) خانپورمهر جي سردارڳڙھ باء پاس روڊ تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو،حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ غازي ماڇي واسي 55 ورهين جو اميد علي ماڇي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي بعد ڊرائيور گاڏي ڪاهي فرار ٿي ويو، هوڏانهن راه ويندڙن فوتي پيرسن کي کڻائي تعلقه اسپتال خانپورمهر پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته فوتي پيرسن جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان کي حادثي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، ڪا نامعلوم گاڏي پيرسن اميد علي کي خانپورمهر ويندي ٽڪر هنيو جنهن سبب هو فوت ٿي ويو، پيرسن اميد علي ماڇي گهر کان شهر ويو ته رستي ۾ خانپورمهر جي سردارڳڙھ باء پاس وٽ حادثو پيش آيو، هوڏانهن خانپورمهر ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button