بريڪنگ نيوزسنڌ

ايس ڊي اي جي عورت ملازم پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ تي مبينه جنسي حراسمينٽ جو الزام

ڄامشورو / ڪوٽڙي (نمائندن وٽان) سيوهڻ ڊوولپمينٽ اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ آفيسر پاران سندس آفيس جي ملازم عورت کي مبينا جنسي حراسمينٽ ڪرڻ جي ڪوشش، عورت سيڪريٽري کي لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي انصاف جي اپيل. سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 16 گريڊ جي ملازم عورت رفيعه سلطانه پھنور  ميڊيا آڏو داهيندي الزام هڻندي چيو ته ڊائريڪٽر لينڊ سميت چار عهدن تي ويٺل سڄن ڪيهر جنسي طور حراس ڪندو رهي ٿو ڪمزور عورت سمجهي بلا جواز شوڪاز موڪلن ۽ بدلي ڪرڻ وارا حربا هلائي چڪو لکت ۾ سيڪريٽري کي درخواست لکي اٿم پر ڪير بہ نوٽيس نٿو وٺي.  ھن وڌيڪ چيو ته  ڊپٽي ڊائريڪٽر ليڊ سڄڻ ڪيهر گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو غير قانوني شوڪاز سان گڏ ٽرانسفر ڪيو ويو آهي  هن چيو تہ ايس ڊي اي جهرو ادارو عوررتن لاء غير محفوظ بڻيل آهي اتي سڄڻ ڪيهر جهڙا ويٺل ڪرپٽ ڪامورا اوطاق ڪري پيا هلائن آء سندس آفيس ۾ ڪم سانگي ويس تہ هن جنسي طور حراس ڪيو نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم تہ هن چمي ڏيڻ جد ڪوشش ڪئي جنهن تي ذهني طور تي انتهائي دٻاء ۾ هلي ويس معاملي کي پاڻ تائين رکيم ۽ هن سان سوشل بائيڪاٽ ڪيم پر هو نہ مڙيو ۽ مونکي عير قانوني شوڪاز ڏنو هن اڻ سڌي طرح ڌمڪيون ڏياريون آفيس ۾ عورت ملازمن کي الڳ آفيس بہ نٿي ڏني وڃي واش روم جي بہ سهولت ناهي هن خيو مونکي مليل سپڪاز کانپوءِ جواب للي ڏنم پر ڊي جي سميت ڪنهن بہ آفيسر نوٽيس نہ ورتو ۽ معاملي کي رفعا دفعا ڪرڻ لاء دباء وڌو ويو هن چيو تہ سڀني عورت ملازمن سان ساڳيا ئي معاملا آهن پر گهرن وارن جي خوف کان ڳالھ نٿيون ڪن پر آء محتسب اعلي ۾ ڪيس ڪرڻ وڃان پئي  سڄڻ ڪيهر ذاتيات تائين ايندي منهجا ورتل ڪوارٽر ڪينسل پڻ ڪرائڻ چاهي ٿو آء بيواھ عورت آهيان ونکي ۽ منهنجي پٽن کي سندس مان خطرو آهي ڪجھ بہ ٿيو تہ ذميوار پاڻ هوندو آء پنهنجو سمورو معاملو سنڌ جي شعور جي اڳيان ٿي رکان هن چيو تہ ڄاڻايل معاملي جو سيد ناصر شاھ، سيڪريٽري سنڌ انساني حقن جون تنظيمون نوٽيس وپي انصاف ڏيارين ٻي پاسي ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ سڄڻ ڪيھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته رافعا پنھور پاران لڳايو سمورا الزام بي بنياد آھن ھو ھڪ يونين جي نالي تي ڪافي وقت کان پيٽرول سميت ڀتو گرندي ھئي جيڪو نه ڏيڻ تان عورت ھجڻ جو فائدو وٺيندي مون مٿان سنگين الزام لڳائي رھي آھي ھن چيو ته ان سموري معاملي جي جانچ لاء  ڊي جي ايس ڊي اي ھڪ ڪاميٽي جوڙي آھي جنھن جيڪا شفاف جانچ ڪندي ھن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته منھنجي آفيس ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون به لڳل آھن عورت ٻڌائي ته سندس سان ڪھڙي ڏينھن تي اھو معاملو ٿيو آھي  ھن چيو ته مان ھڪ خانداني ماڻھون آھيان اگر مون مٿان ڪوب اھڙو ثبوت ظاھر ٿيو مان پاڻ قبول ڪرڻ لااء تيار آھيان.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button