بريڪنگ نيوزقومي

تعليم هر ٻار جو بنيادي حق ۽ قومي ترقي جي پيڙهه جو پٿر آهي: مدد علي سنڌي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير مدد علي سنڌي سومر ڏينهن رمدا هوٽل ۾ نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ميرٽ ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ملڪ کي مالياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ معياري ۽ هنر تي ٻڌل تعليم جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي وفاقي وزير مدد علي سنڌي ٻارڙن جي روشن مستقبل لاءِ استادن جي اهميت تي زور ڏنو خاص مهمان طور خطاب ڪندي مدد علي سنڌي 30 شاگردن جي شاندار ڪاميابين کي ساراهيو هن تقريب ۾ والدين، شاگرد ۽ ميڊيا برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي مدد علي سنڌي اها ڳالهه ورجائي ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ قومي ترقي جي پيڙهه جو پٿر آهي موجوده دور ۾ ڪابه قوم معياري تعليم جي عزم کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي انساني وسيلن جي ترقي حڪومتي پاليسي جو مرڪز انساني سماجي سرمائي جي تشڪيل ۾ بنيادي قوت طور تي تعليم تي ڀاڙي ٿي هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي وزارت جي قدمن سان ملڪ ۾ تعليم جي حالت بهتر ٿيندي. کدڙا ڪميونٽي کي مفت بنيادي ۽ هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪرڻ ۾ نيشنل ايجوڪيشن فائونديشن جي ساراهه جوڳين ڪوششن کي ساراهيندي مددعلي سنڌي فائونڊيشن ۽ تعليم وزارت جي ان جي موثر آگاهي ۽ اسلام آباد ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارڙن جي رجسٽرڊ مهم جي تعريف ڪئي تقريب دوران مئنيجنگ ڊائريڪٽر طائره ايس شيخ ٻڌايو ته نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيسن 1998 کان فيڊرل گورنمينٽ ٽيچرز جي 600 کان وڌيڪ ٻارڙن کي وظيفا ڏنا آهن ميرٽ ايوارڊ ايف ڏهائي جي ٻارڙن کي ڏنو وڃي ٿو اهي شاگرد جن پنهنجي انٽر ميڊيٽ امتحانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 80 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا آهن ۽ پبلڪ سيڪٽر جي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ادارن يا هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان تسليم ٿيل ڪنهن به سرڪاري يونيورسٽي ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڪنهن به ڊگري پروگرام ۾ داخلا حاصل ڪندڙ ان ميرٽ جي اهل آهن هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ٿي هي ايوارڊ انهن شاگردن لاءِ محنت جي اعتراف طور تي ڏنو وڃي ٿو جيڪي تعليمي لهاظ کان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سخت مقابلا ۽ ميرٽ جي ذريعي داخلا حاصل ڪن ٿا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button